ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزادو

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزادو

اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر

اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر: اردو ٻوليءَ جي مشهور شاعر اقبال احمد پيرزادي ،27 جولاءِ 1956ع تي ٽنڊي محمد خان شهر جي پاٽولي پاڙي ۾ محمد حسين پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد به اردو جو بهترين شاعر هو ۽ ”شاد ڀيٽوي“ جي نالي سان مقبول هو. جيڪو ورهاڱي بعد ڀارت مان اترپرديش جي سهارنپور واري علائقي مان لڏي اچي، ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير ٿيو هو.هن مقامي اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ 1982ع ۾لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. 1984ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو ۽ مختلف جاين تي نوڪري ڪئي. 1990ع ۾ ڇاتي ۽ ٽي بي جي بيمارين جي موضوع تي پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. ساڳئي سال سندس خاندان ڪراچي لڏي ويو، جتي اقبال اوجها سينيٽوريم ڪراچيءَ سان وابسته رهيو. جتان 2016ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. هن کي شاعري جو شوق ورثي ۾مليو. 17 سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. ريڊيو جي ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري ڳائي. بعد ۾ ڪراچي جي ماحول ۾ رهڻ ڪري سندس شاعري اردو رسالن ’فنون‘، ’اوراق‘، ’سيپ‘، ’نقوش‘، ’ادب لطيف‘، ’نئي قدرين‘، ’افڪار‘، ’دنياءِ ادب‘ سميت ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي. هن پي ٽي وي ڪراچي تي ادبي پروگرام ’ڪيفي ادب‘ ۾ ڪافي عرصو ميزباني جا فرائض انجام ڏنا. پي ٽي وي تي هڪ ڊرامي ’ جناح سي قائد تڪ‘ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڊاڪٽر جو ڪردر ادا ڪيو. ان کانسواءِ 1996ع کان پي ٽي وي تي سيني جي بيمارين متعلق هڪ سيريز شروع ٿي، جيڪا ڏيڍ سال تائين جاري رهي. ان سيريز جو ليکڪ ۽ ميزبان به پاڻ ئي هو.هن ڪراچيءَ ۾ ’عالمي مشاعرو‘ ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ٻيا به ڪيترائي مشاعرا ۽ ادبي ميڙ ڪوٺايا. ڊاڪٽر اقبال ڪيترائي ملڪ گهمڻ سان گڏ ابوظهبي ۾ هڪ مشاعري ۾ شرڪت ڪري پنهنجي شاعري پڙهي چڪو آهي. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ’تراشيده حرف‘ 2005ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن وقت ڪراچي جي بفرزون واري علائقي ۾ ذاتي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.07.27  عيسوي

اقبال احمد پيرزادي ،27 جولاءِ 1956ع تي ٽنڊي محمد خان شهر جي پاٽولي پاڙي ۾ محمد حسين پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاؤالدين
افضل قادري
جاگيراڻي سرتاج
حميره نور
راڄڙ ولي بخش
پرسرام ضياء
احسن الهاشمي
در محمد فقير
اشرف زمان پير چنڊامي
شهمير سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون